چانهه/ چاري پکي (Indian Roller/ Blue Jay/ Coracias benghalensis)

چانهه/ چاري پکي (Indian Roller/ Blue Jay/ Coracias benghalensis)

ڪشميري چانهه پکي

ڪشميري چانهه پکي

چانهه/ چاري پکي

چانهه/ چاري پکي (Indian Roller/ Blue Jay/ Coracias benghalensis): چانهه پکي 30 سينٽي ميٽر جسامت جو ٿئي ٿو. هن جا نر ۽ ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. هن پکيءَ جو پيٽ، پٺي ۽ پيشاني بادامي، مٿو هلڪو نيرو، پرن جا کنڀ ترتيبوار هلڪا ۽ گهرا نيرا ٿين. هن جي پيٽ جو هيٺيون حصو هلڪو نيرو ٿئي. ان جي پڇ تي اڇا ۽ نيرا افقي پٽا ۽ پڇ جا وچان کنڀ سرمائي ٿيندا آهن. هي پکي گهڻو ڪري ٿنڀن يا ڪنهن وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺو هوندو آهي ۽ جڏهن پرَ ڦڙڪائي هيٺ لھندو آھي ته ان جا اندريان ٻه رنگا پر واضح ٿيندا آھن. چانهه پکي ٽنڊڻ ۽ ٻيا جيت کائيندو آهي. هي پکي سنڌ کانسواءِ سڄي ڏکڻ ايشيا، عراق کان ٿائلينڊ تائين ملي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اڏري اولهه ايشيا، بنگلاديش ۽ ونڌيا جبل جي قطارن تائين وڃي ٿو. هي پکي 3 کان ڏهه ميٽر اوچائيءَ تائين اڏامڻ مهل ڪلابازيون کائيندو آهي. هي پکي مارچ کان جون تائين لڳ جهلي ٿو. پنهنجا آکيرا وڻن جي سوراخن يا ڪن حالتن ۾ ڪکن ڪانن سان ٺاهيندو آهي. چانهه پکيءَ جا بيدا گول يا قوسي شڪل جا سفيد رنگ جا ٿين ٿا. هن پکيءَ جي مادي 3 کان 5 بيدا ڏيندي آهي، ۽ نر ۽ مادي ٻئي آنن تي آرو ڪندا آهن، جيڪو 17 کان 19 ڏينهن هلندو آهي. نر ۽ مادي مهينو کن آکيري ۾ رهندا آهن. هي پکي ’ڪَڪ-ڪَڪ‘ جو آواز ڪڍندو آهي. اهو آواز لَڳُ جهلڻ جي مند ۾ وڌي ويندو آهي. ڍنڍن جي ڪنارن تي هي پکي مڇي جهلي کائيندو آهي. چانهه پکيءَ جو هندو ديومالائي ڪهاڻين سان به گهرو واسطو آهي، خاص طور دسهڙي جي مند ۾ هندو ماڻهو هن کي اُڏاريندا آهن. هن وقت به آنڌرا پرديش، بهار، ڪرناٽڪ ۽ اوڙيسا ۾ رياستي پکيءَ جو درجو رکي ٿو.
ڪشميري نيري چانهه (European Roller/ Coracias garrulous): ڪشميري چانهه پکي 30 سينٽي ميٽر جسامت رکي ٿو ۽ هن پکيءَ جا نر ۽ ماد هڪجهڙا آهن. هي پکي سڄو نيرو ٿيندو آهي، البت اُن جي پُٺي هلڪي چاڪليٽي رنـگ جـي ٿيـنـدي آهـي. هن جي کنڀڙاٽيءَ جو مٿيون حـصـو ڪـارو ٿيـنـدو آهي ۽ چوٽين وٽ ڪارڙا نيرا کنڀ ھوندا آهن. هن جي پرن جي پکيڙ 52 کان 58 سينٽي ميٽرن تائين ٿئي ٿي. هن جو پُڇ نيرڙو خاڪي نارنگي رنگ جو ذري گهٽ چورس شڪل جو هوندو آهي. نيري چانهه عام طور ڪنهن وڻ، ٿنڀي يا ٽيليفون تار تي ويٺل زمين تي وڏن جيتن جي تاڙ ۾ نظر ايندي آهي. شڪار تي نظر پوندي ئي پنهنجا وڏا پر پکيڙي، ان تي جهٽ هڻندي آهي ۽ واپس ڪنھن اوچي جاءِ تي اچي ويهندي آهي. چانهه پکي جيتن کي هوا ۾ به شڪار ڪري سگهندي آهي. لڳ جي مند ۾ چانهه پکيءَ جو نَر هڪ خاص نمائشي اُڏار ڪندو آهي، هُو آسمان ۾ مٿي اُڏامندو آهي ۽ پوءِ خاص قسم جي گهُت هڻندو آهي، جنهن ۾ هن جا سهڻا ٻه رنگا نيرا پَرَ واضح نظر ايندا آهن. ان نمائش دوران هو ڪانءَ جھڙي ڪَرڙاٽ ٻولي ٻوليندو آھي. هي چانهه پکي جوڙو ٺاهي پنھنجي آکيري ۽ حدن جي حفاظت ڪندا آهن، پر لڏپلاڻ کان اڳ ولر ٺاهيندا آهن. هي پکي اتر آفريڪا کان موراڪو، تونيشيا، يورپ، ايشيا مائينز، سائبيريا، عراق، ايران، اوڀر ڪشمير، ترڪمانستان، ڪاغستان ۽ اتر اولهه چين ۾ ڏٺو ويو آهي. ڪشميري چانهه جي اڏام چڱي مٿي ۽ سڌي ٿيندي آهي. هي پکي وڻن جي ٿڙن، جبلن جي سوراخن ۽ ڪن حالتن ۾ وڻن جي ڪکن ڪانن تي آکيرو ٺاهيندو آهي ۽ 4 کان 6 آنا لاهيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو